ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)جي يو آءِ جي سڏ تي سنڌ ۾ بدامني ۽ 6 تڪراري ڪئنالن خلاف مظاهرا،ڌرڻا خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ تعلقي رتوديرو طرفان محبت علي کھڙو، طارق حسين سومرو، مولانا حافظ عبدالغفار جويو،مولانا الياس چنو،مولانا نصير احمد ڀٽو، مولانا حميد الله سيال،مولانا بشير احمد ڀٽي،حافظ محمد عثمان جهتيال،مولانا جمال مصطفيٰ تنيو،مولانا عبدالعزيز سومرو،مولانا علي محمد زهري، حافظ عبدالقادر سيال، مولانا عبدالحڪيم رباني، مولانا غلام نبي لولائي، محمد مراد معرفاڻي، محمد اسماعيل دراني، عابد جان سومرو،غازي عبدالله جويو،عبدالجبار لانگاھ،امداد الله لانگاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي چڪو آهي، ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ اغوا جا واقعا معمول بڻيل آهن،جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، وفاق زبردستي سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڪئنال تعمير ڪري سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،عثمان شاھ ھڙي ۾ مولانا الله بخش مري،مفتي ولي محمد لغاري،مولانا نواب الدين،مولوي نصرالله ڇٽو ،قاري حبيب الله ٿھيم جي اڳواڻي ۾،جيڪب آباد ۾ڊاڪٽر اي جي انصاري،مولاناعبدالله جتڪ،مير محمد بنگلاني،مولانا عبدالجبار رند،مولانا نصر الله گهنيو،در محمد ڊول چاکر خان جکراڻي،مولانا غلام شبير شيخ،سراج احمد ڊول،بابو بنگلاڻي ،تاج امروٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪندي "بدامني نامنظور”، "غير قانوني ڪينالن جي تعمير نامنظور” جا نعرا هنيا ويا،ملير ۾ قاري حمدالله حقاني، مولانا صبغت الله لاکو، مولانا عبدالماجد قاري، احسن مولانا خالد محمود، عطاءُالله بلوچ، حاجي محمد پناهه جي اڳواڻي ۾ ٺيڙهي شهر ۾ عبيد الله سولنگي، مولانا احسان الله ڳنڀير، عبدالماجد ميمڻ، صبغت الله ڦلپوٽو، رفيع الله ميمڻ هوڏانهن سنڌو درياء مان ڇهھ نوان ڪينال اڏڻ ۽ ضلعي ٺٽي ۾ منشيات جي وڌنڌڙ واھپي خلاف مولانا احمد سومرو ۽ مولانا سليم عاطف جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي خان محمد ملڪ، حافظ عبدالقادر سيال، مولوي محمد ابراھيم خاڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، باڊهه ۾ حافظ محمد عثمان جهتيال،مولانا جمال مصطفيٰ تنيو،مولانا محمد الياس چنه ۽ مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جوهي ۾مولانا عبد الحق جمالي،غازي عبدالله آلکاڻي، قاري عبدالعزيز جمالي، مولوي احسان الله، جمالي حافظ محمّد شعبان لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو هوڏانهن سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سنڌو درياهه مٿان نوان ڪينال ٺاهڻ خلاف جمعيت علما اسلام سنڌ جي سڏ تي مولانا تاج محمد ناھيون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ صوبي جو امن و امان تباهه آهي، ھرو روز ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، ڏوھن ۾ ڏينھون ڏينهن واڌ ٿي رھي آهي، پر حڪومت ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڄامشورو ۾ جي يو آءِ تعلقي ڪوٽڙي طرفان شھر جي شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پاڻي تي ڌاڙي ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن مولانا عبدالصمد رئيساڻي، مولانا محمد عمر ساجد، مفتي محمد انور ڪورائي، مولانا مصحب پنھور، مولانا مير محمد اوڍو، مولانا انور بليدي، حافظ دين محمد بروھي، جهانگير خان پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته وفاق طرفان سنڌو درياء جي پاڻي مان وڌيڪ ڪئنال ٺاھي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ جي سڪائي بنجر بڻايو پيو وڃي سنڌ جا ٻيٽ معدني وسيلا کسيا پيا وڃن اھڙن سنڌ دشمن فيصلن خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آھي ھنن چيو سنڌ اندر بدامني جو راڄ آھي.