مڙس جا پيسا ڦٻائڻ لاءِ پنهنجي پٽ جي اغوا جو ڊرامو ڪندڙ عورت گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي رته امرال ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي پنهنجي 9 مهينن جي پٽ جي اغوا جو ڊرامو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو.
پنهنجي ئي پٽ جي اغوا ۽ پوءِ ڀنگ جو ڊرامو ڪندڙ عورت صوفيا کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
جوابدار عورت 15 تي اطلاع ڏنو هو ته سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن تي پوليس فوري طور پهتي پر اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو هو.
عورت پنهنجي مڙس کان 15 لک رپيا ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙ هڻڻ جو اعتراف ڪيو، پوليس ڪيس داخل ڪري عورت کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.