ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر واڌ سان 2 هزار 953 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي، جنهن جو اثر مقامي مارڪيٽن تي به پيو.
مقامي مارڪيٽن ۾ خميس ڏينهن في تولي سون جي قيمت هڪ هزار رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 9 هزار رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 857 رپيا واڌ سان 2 لک 64 هزار 917 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
You might also like