چيميپئنز ٽرافي مان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ فخر زمان جو اهم بيان اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿي ايونٽ کان ٻاهر ٿيندڙ اوپننگ بيٽر فخر زمان بيان جاري ڪري ڇڏيو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فخر زمان چيو ته سڀ کان وڏي اسٽيج تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ هر قومي ڪرڪيٽر لاءِ هڪ اعزاز ۽ خواب آهي، فخر آهي ته مون کي به پاڪستان جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ٿيو.
هن چيو ته بدقسمتي سان هاڻ مان چيمپيئنز ٽرافي کان ٻاهر آهيان پر يقينن الله بهترين منصوبي ساز آهي، مان گهر مان پنهنجي رانديگرن کي سپورٽ ڪندس، هيءَ ته رڳو شروعات آهي، واپسي هن ڌچڪي کان وڌيڪ مضبوط هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.