ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ڊي ريگوليشن پاليسي رد ڪندي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان وڊيو پيغام ۾ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي ڊي ريگوليٽ فارمولي کي رد ڪيون ٿا، ڊي ريگوليٽ فارمولو لاڳو ٿيڻ سان پيٽروليم سمگلنگ ۽ ملاٽ جو سلسلو شروع ٿي ويندو.
هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ سان پيٽرول پمپ پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪندو، سينٽرل ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي بينر لڳايا ويندا.
سندس چوڻ هو ته پيٽروليم وزارت کي هنگامي خط لکي ڊي ريگوليٽ فارمولي جي مخالفت ۽ مارجن وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو، مصدق ملڪ پيٽروليم ڊيلرز کي نظرانداز ڪيو، دعويٰ ٿو ڪيان ته ڊي ريگوليشن سان عوام کي سستو پيٽرول نه ملندو.
You might also like