اسلام آباد(ع آ نيوز) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اسٽيل ملز جي 54 ايڪڙ زمين 3 يونيورسٽين کي ڏيڻ کانپوءِ اها رد ڪري 4 ماڻهن کي ڏني وئي. چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيل ملز جي 54 ايڪڙ زمين 4 ماڻهن کي ڏيڻ جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) پاڪستان اسٽيل ملز جي 75 ايڪڙ زمين استعمال ڪرڻ جي زباني اجازت ڏني هئي. پاڪستان اسٽيل ملز جي 75 ڪروڙ رپين جي زمينن تي قبضي جو به انڪشاف ٿيو آهي، گلشن حديد فيز 3 جي 176 پلاٽن تي قبضا آهن. اسٽيل ملز انتظاميا زمين کي بچائڻ ۾ ناڪام آهي. 54 ايڪڙ زمين بلڊرز ۽ 4 ٻين کي 30 سالن جي ليز تي ڏني وئي. اسٽيل ملز جي 35 ايڪڙ زمين تي 4 ماڻهن قبضو ڪيو، انهن ماڻهن کي 200 پلاٽ به الاٽ ڪيا ويا آهن. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته اسٽيل ملز انتظاميا صارفين کان رهائشي اگهن تي بل وصول ڪيا، ڪاروباري قيمتن تي ادائيگيون ڪيون، جولاءِ 2022 کان جون 2023 تائين قومي ناڻي کي هڪ ارب رپين جو نقصان پهتو. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته اسٽيل ملز هائوسنگ اسڪيم گلشن حديد فيز 3 کي الاٽ ٿيل پلاٽ، پي اي سي اسٽيل ملز کان هر 2 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي آهي. چيئرمين پي اي سي جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني اندر ڪميٽي کي نه ٻڌايو ويو ته ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلينداسين. چيئرمين پي اي سي جو چوڻ آهي ته پي اي سي اسٽيل مل جي 11 ايڪڙ زمين تي قبضي جو معاملو به نيب کي موڪليو هو، ڇا نيب کي اهڙو معاملو نظر نٿو اچي يا رڳو سياستدان ئي ڏسن ٿا، جنهن تي نيب عملدارن چيو ته ها نيب کي ان معاملي جي ڪا به خبر ناهي. سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار چيو ته اسٽيل ملز ڪمرشل قيمتن تي بجلي خريد ڪري رهائشي اگهن تي فراهم ڪنديون آهن، اهو معاملو ايس آءِ ايف سي وٽ اٿاريو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته هي ڪهڙي همدردي آهي، اسٽيل ملز جي حالت ڏسو. SIFC هڪ ادارو آهي، اهو زمين جي حوالي سان هدايتون جاري نٿو ڪري سگهي، ڇا توهان اسان کي وضاحت ڪري سگھو ٿا ته SIFC جو هن معاملي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ اجلاس ۾ موجود نويد قمر چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين تمام قيمتي آهي. هي ڪراچي جو اهم علائقو آهي. بورڊ اهو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته اها زمين ايتري سستي ۾ وڪڻي، جيڪا ڪنهن جي پيءُ جي نه هجي. اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ (اي ڊي بي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) رضا عباس شاهه جي مدي ۾ وزيراعظم جي منظوري کانسواءِ واڌ ڪئي وئي. ان حوالي سان نويد قمر چيو ته اهو مذاق آهي ته ٻن سالن کانپوءِ ان تڪرار جي منظوري ڪابينا کان ڪيئن ورتي وئي. اجلاس ۾ اي ڊي بي جي سي اي او رضا شاهه جي مدي ۾ غير قانوني واڌ جو معاملو اڪلايو ويو.