واھي پانڌي (ن ع آ) واھي پانڌي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪاڇي ۽ واھي پانڌي جي زمينن تي والار خلاف ھزارين ماڻھن سان گڏ ڳوٺ دودو برھماڻي کان پيادل مارچ ڪري واھي پانڌي شھر جو گشت ڪري گورک موڙ وٽ ڌرڻو ھنيو، پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جو صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي امير زادي برھماڻي، عذرا رند، ڪشف سولنگي، روزينا جتوئي،گل بھار رستماڻي، گل حسن برھماڻي، باغي بشير برھماڻي، ذوالفقار برھماڻي، امين وگھيو، قربان کوکر، ھارون پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته چولستان سميت 6 نوان ڪئنال سنڌ تي حملو آھن، سنڌو درياھ ھليو ويو ته لکين ڪروڙين ماڻھو بک، بدحالي ۽ تباھي جو شڪار ٿي ويندا، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي سان زمينن تي والار، مھانگائي ۽ معاشي بدحالي ايندي، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، احتجاجن کي نظرانداز ڪري چولستان ۾ ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي افتتاح جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو، سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ آمريت آھي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ احساسي محرومي جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، اياز لطيف پليجي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪاڇي، واھي پانڌي، گورک سميت سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن، سنڌو درياھ جو پاڻي روڪڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ زندگي ختم ٿي ويندي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رھندڙ 10 ڪروڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياهه اسان ڪنهن کان تحفي ۾ نه ورتو آهي، ھي سنڌ ڪنهن کان کسي نه ورتي آهي، ھي ھزارين سالن کان اسان جو تاريخي وطن آھي، سنڌو درياھ ۽ سنڌ اسان جي آھي، اسان جي ايندڙ نسلن جا آھن سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال قبول نه آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر امير زادي برھماڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيا ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر ڪلو ميٽر تي مزاحمت ڪنداسين، اتر سنڌ ڌاڙيلن حوالي آھي، وزير منشيات ۽ ڏوھارين جا سرپرست آھن، ميرٽ تباھ ڪري نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون، ڪرپشن ڪري سنڌ جو پئسو ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منور جتوئي خطاب ڪندي ته پيپلزپارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي، قومي عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ مير کوسو چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي، اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندا آهن ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي، مارچ کي سومر چانڊيو، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي امير زادي برھماڻي، عذرا رند، ڪشف سولنگي، روزينا جتوئي، گل بھار رستماڻي، گل حسن برھماڻي، باغي بشير برھماڻي، ذوالفقار برھماڻي، امين وگھيو، قربان کوکر، ھارون پنھور ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.