اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي آهي.
پڌرائي موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ رجسٽرار، سيڪريٽري لا اينڊ ڪميشن به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيف جسٽس کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
هن چيف جسٽس جي ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي ڏورانهن علائقن جي دوري کي به ساراهيو، وزيراعظم چيف جسٽس جي انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي پڻ ساراهيو.
پڌرائي موجب ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪي معاشي ۽ سيڪيورٽي چيلينجن تي به گفتگو ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف عدالتن ۾ ڊگهي وقت کان ٻڌڻي هيٺ ٽيڪس تڪرارن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو.
وزيراعظم چيف جسٽس کي انهن ڪيسن ۾ ميرٽ تي جلد فيصلن جي اپيل ڪئي، جڏهن ته چيف جسٽس وزيراعظم کان انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ تجويزون به گهريون.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم چيف جسٽس کي گم ٿيل ماڻهن بابت قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي به خاطري ڪرائي.
You might also like