شيائومي 15 سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعلان، فون ۾ ڪهڙا نوان فيچر هوندا؟

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) مشهور سمارٽ فون ڪمپني شيائومي پنهنجي 15 سيريز لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هي سيريز 2 مارچ تي بارسلونا ۾ ٿيندڙ موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ متعارف ڪرائي ويندي.
شيائومي چين ۾ 15 الٽرا فليگ شپ فون هن مهيني جي آخر تائين ريليز ڪندي، جيڪا ٽن مختلف رنگن ۾ دستياب هوندو. فون ۾ سنيپ ڊريگن 8 ايليٽ چپ سيٽ ۽ لائيڪا ڪيمرا فيچرز ڏيڻ جو امڪان آهن.
فون ۾ چار ڪيمرا سينسر لڳايا ويا آهن، جن کي لائيڪا جي ڀائيواري حاصل آهي.
ان کانسواءِ 200 ميگا پڪسل جي پرائمري ڪيمرا سامسنگ آءِ ايس او سيل ايڇ پي 29 سينسر سان هوندي، جڏهن ته باقي ٽي ڪيمرائون 50 ميگا پڪسل جون هونديون.
فون ۾ 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي. 6000 ملي ايم ايڇ بيٽري هوندي، جنهن سان گڏ 90 واٽ وائرڊ ۽ 80 واٽ وائرليس چارجنگ جي سهولت ڏني ويندي.
ميڊيا رپورٽس موجب، فون جو ڊسپلي ٽو ڪي ڪواڊ ڪروڊ هوندو، جنهن ۾ هول پنچ اسڪرين ۽ سنها بيزل لڳايا ويندا.
واضح رهي ته شيائومي 15 سيريز ۾ شيائومي 15 ۽ 15 الٽرا متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.