پارلر تي تيار ٿيڻ لاءِ ويل ڪنوار دل جي دوري سبب فوت، گهوٽ انتظار ڪندو رهجي ويو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پارلر تي تيار ٿيڻ لاءِ ويل ڪنوار دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جڏهن ته سندس گهوٽ انتظار ڪندو رهجي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب شادي جون تياريون زور شور سان جاري هيون، ڪنوار سشمنا شرما، جيڪا پاڻ ڊاڪٽرياڻي هئي، تيار ٿيڻ لاءِ بيوٽي پارلر وئي، جتي ميڪ اپ ڪرائڻ دوران اوچتو بيهوش ٿي ڪِري پئي، کيس اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هوءَ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري چڪي آهي.
هوڏانهن گهوٽ وجي ڀوشن پنهنجي ڪنوار جو انتظار ڪندو رهيو، جتي اوچتو ڪنوار جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.