نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري شعبي ۾ وڏي پيماني تي ڀائيواري لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
اربع ڏينهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي نيو يارڪ ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير وليد عبدالڪريم الخيريجي سان ملاقات ٿي.
ملاقات دوران گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو گڏيل عزم ورجايو ويو.
اسحاق ڊار پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ سعودي حڪومت سان ٻه طرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.
You might also like