اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر 18 کان 22 فيبروري تائين مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات، طوفاني هوائن ۽ برفباري الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي اداري نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر 18 کان 22 فيبروري تائين موسمي جائزي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات، طوفاني هوائن ۽ برفباري جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 19 کان 21 فيبروري تائين، جڏهن ته بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ 18 کان 20 فيبروري تائين کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
خيبر پختونخواهه جي مٿانهن علائقن ۾ 18 کان 20 فيبروري تائين کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 19 ۽ 20 فيبروري تي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته ان دوران سنڌ ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.
لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن.
You might also like