اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 کان 5 سالن ۾ برآمدات کي 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ چاهيون ٿا.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته گذريل 12 کان 14 مهينن ۾ معيشت جي بهتري لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي، ايندڙ 3 کان 5 سال ۾ برآمدات 30 ارب کان 60 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ چاهيون ٿا.
ناڻي وزير وزير چيو ته حڪومت مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن کي مستحڪم ڪيو، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مستحڪم ٿيا، ٻٽي خساري تي ضابطو آندو ويو، جنهن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ مالي خسارو سرپلس ۾ تبديل ٿي ويو.
محمد اورنگزيب چيو ته نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪنداسين، سرڪاري ادارن جي نقصان کي گهٽائڻ لاءِ رائٽ سائيزنگ ڪري رهيا آهيون ۽ سڌارن جو عمل جاري رهندو، رائٽ سائيزنگ سان حڪومتي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.
ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته حڪومتي خرچ گهٽائي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان واپار جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان خطي ۾ پاڪستان جي واپاري ڀائيواري وڌائڻ چاهيون ٿا ۽ خطي ۾ واپار جي واڌاري سان پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافو ممڪن آهي.
You might also like