معيشت ۾ بهتري، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي، عوام کي رليف ملندو: نواز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد ظاهر ڪئي آهي.
نواز شريف ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز سان پنجاب اسمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته الله تعاليٰ آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي ۽ معيشت بهتر ٿي رهي آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌايو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ وڌيڪ گهٽتائي سان عوام کي وڌيڪ رليف ملڻ جي اميد آهي. تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿي ويا آهن. شهباز شريف جي محنت ۽ جاکوڙ جو عالمي مالياتي ادارا به اعتراف ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ترقي جو تسلسل نه ٽٽي ها ته ملڪ هن خطي ۽ دنيا ۾ تمام اڳتي هجي ها ۽ عوام کي تڪليفون نه سهڻيون پون ها.
ان موقعي تي پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو ته قيادت، جماعت ۽ پنجاب جي عوام جو اعتماد وڏي ذميواري آهي. نواز شريف ۽ شهباز شريف جي عوامي خدمت جي معيار تي پورو لهڻ آسان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.