مون سميت هر رانديگر ڪپتان آهي، قوم کي ٽيم مان کٽڻ جي اميد رکڻ گهرجي: محمد رضوان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته پوري قوم کي چيمپيئنز ٽرافي کي انجواءِ ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ملڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان ميچ کٽڻ تي خوشي ٿيندي آهي.
محمد رضوان چيو ته قوم کي ٽيم مان کٽڻ جي اميد رکڻ گهرجي، اسان وٽ سٺا رانديگر آهن، حارث رئوف اسي سيڪڙو فٽ آهي، هن بالنگ پڻ ڪئي آهي.
ڪپتان چيو ته ٽيم 15 جا 15 رانديگر ڪپتان آهن، مان رڳو ٽاس يا پريس ڪانفرنس لاءِ ايندو آهيان، اسان سينيئر رانديگر آهيون، تنهنڪري وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.
بابر اعظم کان اوپننگ ڪرائڻ بابت سوال تي محمد رضوان چيوته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي چيمپيئنز ٽرافي ۾ بابر ئي اوپننگ ڪندو، ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل ناهي، جنهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
محمد رضوان چيو ته رانديگرن جي سکڻ وارو عمل جاري رهندو آهي، اسان کي نيوزيلينڊ کان وڌيڪ بهتر ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته هر رانديگر پراميد آهي، پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر چيمپيئن بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.