نارووال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اڊيالا جيل مان خط تي خط اچي رهيا آهن، اين آر او لاءِ منٿو ڪيون پيون وڃن، اڄ هر هنڌان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، جڏهن ته بريون خبرون رڳو اڊيالا جيل مان اچي رهيون آهن.
نارووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پهريان پنجاب ۾ رشوت کانسواءِ ڪم نه ٿيندو هو، رشوت جي رقم فرح گوگي ۽ پنڪي کي ڏني ويندي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي ڏيوالي جي چائنٺ تي پهچايو، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا ويا، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍيو.
You might also like