دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان اعلانيل پئنل ۾ وسيم اڪرم، روي شاستري، سنيل گواسڪر، ناصر حسين، اين بشپ، اين سمٿ، ايرون فنچ ۽ ميٿيو هيڊن شامل آهن.
ان کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي جي ڪامينٽري پئنل ۾ رميز راجا، بازيد خان، ميل جونز، مائڪيل ايٿرٽن، پوميليلو موبنگوا، قيس نائيڊو ۽ سائمن ڊول پڻ شامل آهن.
ٽورنامينٽ ۾ ڊيل اسٽين، دنيش ڪارٿڪ، ڪيٽي مارٽن، شان پولاڪ، اطهر علي ۽ اين وارڊ پڻ ڪامينٽري ڪندي نظر ايندا.
You might also like