ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1000 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 4 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 857 رپيا واڌ سان 2 لک 60 هزار 802 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 10 ڊالر اضافي بعد ٻه هزار 910 ڊالرز جو ٿي ويوآهي.
Next Post
You might also like