عالمي بئنڪ وفد جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن سان ملاقات

اسلام آباد(پ ر)سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ سنڌ جي وڏي وزير  جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ورلڊ بئنڪ بورڊ جي ڊائريڪٽرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي،ورلڊ بئنڪ جي وفد سنڌ حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته جنهن طريقي سان سنڌ حڪومت ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اها سٺي ڳالهه  آهي،ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۾ هر ممڪن سھائتا فراهم ڪئي ويندي،وفد چيو ته ڏسي تمام خوشي ٿي ته سنڌ ۾ رٿائن لاءِ ڏنل فنڊ صحيح طريقي سان استعمال ٿين پيا سنڌ هائوس پهچڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزيرن سان گڏ وفد جي شاندار آجيان ڪئي،ملاقات ۾ سينئر وزير سنڌ شرجيل انعام ميمڻ، وزير توانائي سنڌ سيد ناصر حسين شاهه، وزير تعليم سيد سردار شاهه، وزير زراعت سردار محمد بخش مهر، وزير لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سميت سڀني وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اعلى عملدار به شريڪ هئا،وڏي وزير وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان ورلڊ بئنڪ سان وڌيڪ مضبوط شراڪت داري قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌ ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هن وقت 13 رٿائون جاري آهن، انهن 13 رٿائن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.