ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ميرپورماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ خارج ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت دهشتگردي ٽوڙعدالت پاران جوابدارن جي نالن کي خارج ڪرڻ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ واري حڪم ۾ اسٽي آرڊ ۾ واڌ ڪري جوابدارن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جوابدار ايم اين اي خالد احمد لنڊ ،سندس پٽ شهباز لنڊ،نورمحمد لنڊ ۽برڪت لنڊ عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شهيد بينظير آباد جي جاچ آفيسر محمد اقبال کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي نوٽيس موڪليا وڃن، درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ايم اين اي خالد لنڊ پنهنجي حيثيت کي استعمال ڪندي جاچ تي اٽر انداز ٿي رهيو آهي .