سنڌي ادب جو وساريل ورق عبدالله اثر چانڊيو

مولانا عبدالله اثر چانڊيو 14 جولاءِ 1920 ۾ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو مولانا الله ڏنو ھو. مذھبي گھراڻي سان تعلق ھجڻ ڪري پاڻ به ھڪ مذھبي ماڻهو ھو.اثر قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي والد مولانا الله ڏنو ۽ مولانا محمد عمر جان چشموي کان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو مان حاصل ڪيائين جڏهن ته عربي ۽ فارسي ٻولي جي سکيا مولوي غلام رسول عباسي وٽان ورتائين.پاڻ 1936 ڌاري سنڌي استاد طور مقرر ٿيو ۽ جلد ئي ترقي ماڻي ايجوڪيشن سپروائيزر يعني تعلقه ايجوڪيشن آفيسر بڻيو.

عبدالله اثر لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ ھڪ خاص اھميت رکي ٿو.پاڻ ھڪ بھترين شاعر ۽ مترجم ھئا.اثر سنڌي سميت فارسي ۽ اردو ٻولي ۾ طبع آزمائي ڪئي.سندس نعتيه ديوان سنڌي ٻولي ۾ ھڪ خاص اھميت ان ڪري به رکي ٿو جو ھي سنڌي ٻولي جو پھريون نعتيه ديوان آھي.ان کان علاوه سندس ڪتابن ۾ ذڪر حبيب،سيرت سعدي، جام ڪوثر، سامونڊي سوداگر، ناله فراق، سڄڻ جو سفر شامل آھن.پاڻ مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجما پڻ ڪيا، جنهن ۾ قصيده بانت سعاد، قصيدہ غوثيه، قصيدہ بردہ شامل آھن.ان کان سواءِ سندن ڪجھه اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آھي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ کي پڻ ڏنو ويو آھي پر ھن وقت تائين اھو مواد شايع نه ٿي سگهيو آھي.

عبدالله اثر 26 ڊسمبر 1976 تي سکر ريلوي اسٽيشن تي ھڪ حادثي ۾ وفات ڪئي.سندس وڇوڙي سان ادبي دنيا ۾ ھڪ جيڪو خال پيدا ٿيو اهو  ڀرجي ناهي سگهيو.عبدالله اثر چانڊيو سنڌي ادب جو هڪ عظيم شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ تصوف،عشق، ۽ سماجي موضوعن جو گهرو اظهار ملي ٿو. هن جي نعتن ۽ منظوم ترجمن سنڌي ادب ۾ نوان معيار قائم ڪيا آهن.سندس پونيئرن کي گھرجي ته ھن عظيم شاعر، تعليمدان، تصوف ۽ تفسير جي عالم جي ياد ۾ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ ھڪ لائبريري جوڙائين ۽ ھر سال سندس ورسي جي موقعي تي ميڙاڪو سڏائين ته جيئن سندس نالي ۽ ڪم کان نئون نسل واقف ٿئي.

ياسر سانڊاڻو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.