تهران( ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايٽمي پروگرام بابت ڏنل بيان تي ٻنهي ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو.
ايران جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام جودفاع ڪيو آهي ۽ هو ان دفاع کي جاري رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي هٻڪ جو شڪار نه ٿيندو.
ترجمان چيو ته ايران جو پر امن ايٽمي پروگرام جاري آهي ۽ هي ٽن ڏهاڪن کان پر امن آهي جڏهن ته اين پي ٽي ميمبر هجڻ جي بنياد تي ايران کي هي حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به حال ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام تي ڪا ڪمزوري نه ڏيکاري.
واضح رهي ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو آچر تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد چيو هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ايٽمي مقصدن کي روڪڻ جي لاءِ پر عزم آهن.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هر دهشتگرد گروپ پويان، هر تشدد جي پويان، هر عدم استحڪام جي سرگرمين جي پويان ۽ خطي ۾ ڪروڙين ماڻهن جي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي پويان ايراني رياست آهي.
You might also like