هونئن ته پاڪستان ۾ يوٽيليٽي بلن، ميوون، ڀاڄين ۽ ٻين روز مرهه جي شين جون قيمتون ڏسي لڳي ٿو ته اسان تمام مهانگي ملڪ ۾ رهون ٿا.
پردنيا جا ٽي سستا ترين شهر پاڪستان ۾ به موجود آهن.
هڪ ڊيٽا ڪمپني نميو (Numbeo) جي طرز زندگي جي خرچن جي سالياني فهرست ۾ ته اها دعويٰ ڪئي وئي آهي.
2025 جي لاءِ ترتيب ڏنل فهرست ۾ نيو يارڪ جي رهواسين جي رهڻي ڪهڻي خرچن کي نظر ۾ رکندي درجا بندي ڪئي وئي آهي.
فهرست ۾ نيو يارڪ جي رهواسين جي طرز زندگي جي خرچن، جن ۾ ڪرائي، کائڻ پيئڻ جون شيون، هوٽلن جون قيمتون ۽ قوت خريد جهڙن شعبن کي نظر ۾ رکندي دنيا جي 327 شهرن جي درجا بندي ڪئي وئي.
ان فهرست ۾ سوئٽزر لينڊ جي ٽن شهرن زيورخ، لوزان ۽ جنيوا کي دنيا جو مهانگو ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي.
نيويارڪ ان فهرست ۾ چوٿين نمبر تي هو.
سوئٽرز لينڊ جا شهر باسل ۽ برن ترتيب وار پنجين ۽ ڇهين نمبر تي رهيا.
اهڙي طرح 2 آمريڪي شهرن سان فرانسڪو ۽ هونولولو ستين ۽ اٺين جڏهن ته آئس لينڊ جو گادي وارو هنڌ Reykjavik نائين نمبر تي رهيو.
آمريڪي شهر بوسٽن ڏهون مهانگو ترين شهر قرار ڏنو ويو.
فهرست جي موجب دنيا جو سستو ترين شهر ڀارت جو Coimbatore آهي، جنهن کان مٿي مصري شهر اسڪندريه موجود آهي.
فهرست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهور ۽ ڪراچي ترتيبوار دنيا جا ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي سستا ترين شهر آهن جيڪي زيورخ جي مقابلي ۾ 85 سيڪڙو سستا آهن.
اسلام آباد هن فهرست ۾ 314 هين نمبر تي موجود آهي جيڪو زيورخ کان 83 سيڪڙو سستو آهي.
Next Post
You might also like