تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي ميجر جنرل ايال ضمير کي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪابينا آچر ڏهاڙي ميجر جنرل ايال ضمير کي اسرائيل جي دفاعي فوج جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏني جيڪو ايال ضمير جي مقرري جو سڀ کان آخري مرحلو هو.
رپورٽن موجب، ايال ضمير بچاءُ واري وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جا فرض به انجام ڏئي چڪو آهي، هن کي اڳوڻي اسرائيلي آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل هرزي هليوي جي استعيفيٰ کانپوءِ آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳوڻي آرمي چيف 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جو حملو نه روڪڻ کي فوجي ناڪامي تسليم ڪندي عهدو ڇڏي ڏنو هو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ هو ته ايال ضمير ايندڙ مهيني 5 مارچ تي اسرائيلي فوج جي 24 هين سربراهه جي حيثيت ۾ ڪمان سنڀاليندو.
ان کانسواءِ ميجر جنرل تامير يدائي کي نئين آرمي چيف جو نائب مقرر ڪيو ويو آهي.
You might also like