طبي ماهرن جو ڪراچي واسين کي ماسڪ پائڻ جو مشورو، سبب ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن ڪراچي ۾ انفلوئنزا سبب شهرين کي ماسڪ پائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
صوبائي صحت کاتي موجب، نئين سال جي شروع کان 13 فيبروري تائين ساهه جي مختلف بيمارين جا 248 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته انفلوئنزا ايڇ ون اين ون جا سڀ کان وڌيڪ 119 ڪيس رپورٽ ٿيا.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته انفلوئنزا اي ۽ بي جي گڏيل طور 95 ڪيسز جي تصديق ٿي آهي، ڪورونا وائرس جا 8، رائنو وائرس جا 15 ۽ آر ايس وي جا 2 ڪيس سامهون آيا.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهري غير معياري کاڌي وارين شين کان پاسو ڪن ۽ لازمي طور ماسڪ پهرن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.