انسٽاگرام استعمال ڪندڙن لاءِ اهم خبر

انسٽا گرام ۾ هڪ اهڙي فيچر جو واڌارو پيو وڃي جيڪو هاڻي تائين فوٽو شيئرنگ ايپ ۾ پهريون ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو هو.
جي ها واقعي انسٽا گرام طرفان ايپ ۾ ڊس لائيڪ بٽڻ جي آزمائش جاري.
ڪمپني جي طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته ڪمنٽس جي لاءِ هن نئين بٽڻ جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
هن بٽڻ يا فيچر جي ذريعي واهپيدار ٻين کي سگنل ڏئي سگهندا ته انهن جو ڪمنٽس انهن کي پسند نه آيا يا ان جي خيال ۾ هي پوسٽ پٽاندڙ ناهي.
هي فيچر انسٽا گرام فيڊ پوسٽس ۽ ريلز ٻنهي ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ في الحال محدود ماڻهن کي دستياب آهي.
انسٽا گرام جي سربراهه ايڊم موسيري ٿريڊز ۾ هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ڪمپني طرفان ڊس لائيڪ اڪائونٽ کي ظاهر نه ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي ڄاڻ نه هوندي ته توهان ڪنهن ڪمنٽ کي ڊس لائيڪ ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته آهستي آهستي ڊس لائيڪس جي ذريعي ڪمينٽس جي رينڪنگ ڪئي ويندي.
ان جو چوڻ هو ته توهان مان ڪجهه ماڻهن ڪمنٽس ۾ هڪ نئين بٽڻ کي ڏٺو هوندو جنهن جي آزمائش اسان جي طرفان ڪئي پئي وڃي.
ايڊم موسيري جي موجب هن بڻ جي ذريعي توهان پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ بنا هي عنديه ڏئي سگهو ٿا ته توهان کي مخصوي ڪمنٽ پسند ناهي آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.