راکي ساونت مفتي قوي جي شادي جي آڇ ٿڏي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت چيو آهي ته مفتي قوي کيس سنڀالي نه سگهندو.
راکي ساونت ويجهڙ پاڪستاني مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي جي شادي جي آڇ سبب خبرن ۾ رهي آهي. مفتي قوي هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران اداڪارا سان شادي جي مشروط خواهش ظاهر ڪئي هئي.
راکي مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته هوءَ مولانا سان شادي جي خواهشمند آهي ۽ هن مفتي قوي کان شاعري جي فرمائش پڻ ڪئي هئي.
پر هاڻي راکي ساونت نجي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان مفتي قوي سان شادي بابت سنجيده نه آهيان.“
هن چيو ته ”مون کي ناهي خبر ته مفتي قوي جون 100 زالون آهن يا 900، پر مان اڪيلي ئي هڪ لک عورتن جي برابر آهيان ۽ مفتي قوي مون کي سنڀالي نه سگهندو.“
ڀارتي اداڪارا جو چوڻ هو ته ”مان اڃا تائين سچي محبت جي ڳولا ۾ آهيان، ڀارت مان سچو پيار نه مليو، ڪيئي ڇوڪرا منهنجي ڪڍ آهن، پر سڀ ڏاڪڻ بڻائڻ چاهين ٿا.“
هڪ سوال جي جواب ۾ راکي چيو ته ”جڏهن مودي پاڪستان اچي سگهي ٿو ته مان ڇو نٿي اچي سگهان؟ جڏهن زال مڙس راضي آهي ته قاضي ڇا ڪندو؟“
راکي ساونت هانيا عامر جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”هانيا عامر هن مون کي پسند آهي، هوءَ هڪ سٺي ۽ نيڪ ڇوڪري آهي.“
ياد رهي ته ان کان اڳ مفتي قوي راکي ساونت سان شادي جي تاريخ ٻڌائي هئي، هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي هئي ته هو راکي ساونت سان نڪاح ڪرڻ وارو آهي.
عورت ميزبان جي پڇاڻي تي مفتي قوي ٻڌايو ته راکي ساونت نڪاح لاءِ 14 فيبروري جو ڏينهن رکڻ جو چيو آهي، مفتي قوي ميزبان کي آڇ ڪئي ته هو ساڻس نڪاح ۾ شرڪت ڪري ۽ شاهد بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.