مصطفيٰ قتل ڪيس:ارمغان کي ڦاهي کان بچائڻ لاءِ 50 بٽ ڪوائن رشوت طلب؟

اوٽاوا (حنيف دوامي)  مصطفيٰ ڪيس وائکو ٿيڻ کانپوءِ ارمغان کي بچائڻ لاءِ قيمت وڌائي وئي آهي. جوابدار جي پيءُ کي پيغام  پهچايو ويو آهي ته هاڻي هو 50 بٽ ڪوائنن جو بندوبست ڪري نه ته سندس پٽ کي ڦاهي تائين پهچايو ويندو. ڪامران قريشي کي هڪ ڊي ايس پي جو اڪائونٽ نمبر ڏنو ويو آهي. مصطفيٰ ڪيس کي وائکو ڪرڻ ۾ پوليس يا سي آءِ اي نه پر انٽيلجنس بيورو جو مک ڪردار آهي، هنن فيس سيونگ لاءِ سڀ ڪجهه سي آءِ اي حوالي ڪيو آهي.  ذريعن موجب جوابدار ارمغان جي گهر تي 8 فيبروري تي ڇاپو نه هنيو ويو هو پر پوليس وارا ڊيلنگ جي لاءِ ويا هئا جنهن ۾ ڊي ايس پي احسن ذوالفقار قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو هو. اهو ڪو ڇاپو نه هو ۽ هو سادي لباس ۾ ويا هئا جيڪڏهن جوابدار فائرنگ نه ڪري ها ته ارمغان گرفتار ئي نه ٿئي ها. واقعي جو ڪيس گزري ٿاڻي تي داخل ٿيڻو هو اها ان جي حد هئي پر بدنيتي تحت ڪيس درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ڇو ته جيڪو سامان هنن کي هٿ آيو هو هو ان کي ڦٻائڻ چاهين پيا. پوليس کي هڪ ٿيلهو مليو هو جنهن ۾ ساڍا 5 لک ڊالر ۽ پائونڊ هئا. ۽ ان کي لڪايو ويو هو. ان جي شڪايت ڪامران اصغر قريشي ڪئي آهي، هن عدالت ۾ اها شڪايت ڪئي ۽ گذري ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر لاءِ درخواست ڏني پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي ڇو ته ان ايف آءِ آر جي آڏو پوليس جا اعليٰ عملدار ڀت بڻجي بيهي رهيا هئا. اهو چيو ويو ته جج ان حڪم جو مجاز ناهي، اهو سيشن جج جو ڪم آهي، انتظامي جج جو اهو ڪم ناهي. پر جيڪي الزام ايف آءِ آر ۾ هئا اهي ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. ان ٿيلهي وارا ڏوڪڙ ڪيڏانهن ويا؟ اهي ته کاڄي ويا. ڪيس ۾ جڏهن کوڙ ايف آءِ آرون ٿي وينديون آهن ته جوابدارن کي ڪير به سزا نٿو ڏياري سگهي، ڪيس نيٺ ختم ٿي ويندو آهي. هن ڪيس سان به ائين ئي ٿيندو. اهو رڳو پوليس جي بدنيتي جي ڪري ٿيندو.

مقتول مصطفيٰ جي ماءُ جو ايس ايس پي خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ قتل ٿيل مصطفيٰ عامر جي ماءُ وجيهه عامر واقعي کي باقاعده منصوبابندي قرار ڏنو ۽ انصاف جي اپيل ڪئي. هن سوال اٿاريو ته سندس پٽ کي قتل ڪري بنا نمبر پليٽ واري ڪارن شيشن واري گاڏي ڊفينس مان ڪيئن نڪتي ۽ بلوچستان جي ڏورانهين علائقي ۾ وڃي ان کي ساڙيو ويو پر ڪنهن گاڏي سڙڻ ۽ ڌماڪن جا آواز ڇو نه ٻڌا؟ هن الزام هنيو ته 20 ڏينهن تائين ايس ايس پي انويسٽيگيشن علي حسن سندس پٽ جي ڪردار ڪشي ڪندو رهيو ۽ ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿيڻ نه ڏنائين. هن چيو ته هو علي حسن تي ڪيس داخل ڪرائيندي، هو ڪنهن جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهيو هو جو هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. ٻئي پاسي مقتول مصطفيٰ کي ڪيئن قتل ڪيو ويو، موت جو حتمي سبب ڄاڻڻ لاءِ پوليس مصطفيٰ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ٻئي پاسي مقتول جي آخري ڀيرو گهر مان نڪرڻ جي سي سي وي وڊيو به سامهون آئي. مصطفيٰ جي گهران نڪرڻ کانپوءِ ڪلاڪ اندر سندس نيٽ ڊوائس بند ٿي وئي هئي. جاچ عملدارن موجب لاش جي ڊي اين اي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ قبرڪشائي ڪئي ويندي، جڊيشل مئجسٽريٽ سان رابطو ڪيو ويندو. جاچ عملدارن موجب واقعي ۾ مبينا ملوث ڇوڪري جي ڳولا جاري آهي. انٽرپول سان رابطو ڪيو پيو وڃي. اڄ پوليس عدالت سان ارمغان جي رمانڊ جي استدعا ڪندي، جوابدار ارمغان کان جاچ کانپوءِ سڀ واضح ٿي ويندو.

گوليون هڻي ڊگي ۾ وجهڻ ۽ ڪار کي باهه ڏيڻ تائين مصطفيٰ جيئرو هو

ڪراچي: مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن. اي وي سي سي پوليس موجب مصطفيٰ کي گاڏي سميت ساڙڻ  واري واقعي جي ٻئي ڏينهن ارمغان جهاز ذريعي اسلام آباد ۽ اتان اسڪردو هليو ويو. جوابدار شيراز به ڪراچي مان لاهور پهتو ۽ اتان اسلام آباد ۽ پوءِ اسڪردو پهتو. ٻئي جوابدار اسڪردو ۾ رهندي ڪراچي جون خبرون وٺندا رهيا ته مٿن ڪو شڪ ته ناهي ٿيو. جاچ دوران جوابدار شيراز ٻڌايو ته ارمغان مصطفيٰ کي راڊ سان تشدد ڪيو، رائفل سان گوليون هنيو، سندس وات ۽ هٿ پير ٽيپ سان ٻڌي ڪار جي ڊگي ۾ وڌو، ان وقت به مصطفيٰ جيئرو هو. کيس حب کڻي وياسين ۽ اتي وڃي ارمغان گاڏي کي باهه ڏني تنهن وقت به مصطفيٰ جي ساهه جو سڳو نه ٽٽو هو.

مصطفيٰ جو لاش 7 چيڪ پوسٽن باوجود حب ڪيئن پهتو؟

ڪراچي(شاهد ثقلين)مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار مرڪزي جوابدار ارمغان جو والد ڪامران قريشي عرف ڪامران ڊان منشيات  جو ڪاروبار ڪندڙ آهي،آمريڪي شهريت رکندڙ ڪامران مشڪوڪ ڪردار جو مالڪ آهي،مقتول مصطفيٰ به منشيات جي هڪ ڪيس ۾ گرفتار ٿي چڪو هو،ٻئي بٽ ڪوائن ۽ آن لائن هيڪنگ جو ڪاروبار ڪندا هئا،اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته ارمغان ۽ شاويز بخاري نان ڪسٽم پيڊ گاڏي ۾ مصطفيٰ جو لاش کڻي حب تائين ڪيئن پهتا؟وچ ۾ 7 حساس چيڪ پوسٽون به اچن ٿيون،اتي انهن جي چيڪنگ ڇو نه ٿي؟واردات بعد ٻئي جوابدار اسڪردو پهچي ويا،ان سڄي ڪيس ۾ پوليس جوابدارن سان مليل هئي،

مصطفيٰ ڪيس ۾ ڪڙيون کلڻ لڳيون، مارشا آمريڪا فرار

ڪراچي: مارشا نالي ڇوڪري کي پوليس جاچ لاءِ گهرايو هو، تنهن تي هو آمريڪا هلي وئي، هوءَ نشي جي عادي هئي ۽ مصطفيٰ سان 4 سالن کان لاڳاپن ۾ هئي پر پوءِ هن  ارمغان ۽ ٻين سان لاڳاپا رکيا. ارمغان جي مالي گهوٻين خلاف هيل تائين ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. مصطفيٰ ڪيس ۾ شڪي جوابدار بدنام منشيات فروش آهن. پوليس تي ڪيس کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن. جوابدار جي گهران غيرقانوني هٿيار ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو ڪو رڪارڊ ناهي. ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشافن جو امڪان آهي.

ارمغان ڇاپي وقت ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا ڊاهي رهيو هو

ڪراچي: مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ مک جوابدار ارمغان گهر ۾ ڇاپي وقت گرفتاري کان اڳ تائين ڪمپيوٽر مان ڊيٽا ڊليٽ ڪري رهيو هو ان لاءِ هن گرفتاري ڏيڻ ۾ دير ڪئي ۽ فائرنگ ڪري پوليس کي روڪي رهيو هو. هو ڇاپي دوران ڪيمرا ذريعي پوليس کي ڏسي رهيو هو، ان وقت ساڻس گڏ ڇوڪري به هئي، هن ڇوڪري کي چيو ته پوليس کي چئو ته اندر 10 ماڻهو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.