متحدا مهاجر پٺاڻ جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده سدائين ٻين جي ميتن کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪيو آهي. فاروق ستار ۽ ٻيا متحده اڳواڻ ذهن نشين ڪري ڇڏين ته الزام لڳائڻ سان سندن قد وڏو نه ٿيندو،فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي هن چيو ته هاڻ جڏهن متحده جون ڌمڪيون ڪم نه پيون ڪن، ته اهي  عوام کي ڀڙڪائي حادثن جي آڙ ۾ فساد جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.  هن چيو ته متحده اڳواڻ فاروق ستار جا الزام بي بنياد، ڪوڙا ۽ منافقت تي ٻڌل آهن. فاروق ستار کي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت تي الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي ڪاري تاريخ تي نظر وجهڻ گهرجي،هن چيو ته آفاق احمد جي گرفتاري قانون مطابق ٿي آهي، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. پشتونن ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرت وڌائڻ جي سازش متحده پاڻ ڪندي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.