ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ پاران قتل جو اعتراف، سندس 2 ساٿي گرفتار، جاچ تيز

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نامياري مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس رات دير تائين داخل نه ٿي سگھيو ھو، جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري جائزو ورتو، آڪاش انصاري جي هنج ورتل گرفتار پٽ ۽ ڊرائيور کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ ٻن گرفتارين جا به اطلاع آهن، پوليس واقعي جي گهڻ رخي جاچ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، حيدرآباد  جي سٽيزن ڪالوني ڀرسان گھر اندر قتل ٿيل انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس رات دير تائين داخل نه ٿي سگھيو ھو، جڏھن ته واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي ھيڊ ڪوارٽر مسعود اقبال جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪالھه به آڪاش انصاري جي ورتل مسواڙ واري گھر تي پھچي واقعي واري هنڌ جو ٻيهر معائنو پڻ ڪيو، آڪاش انصاري جي پراسرار موت واري واقعي کانپوءِ گهر کي بند ڪري سيل ڪرائي اهلڪار کي مقرر ڪيا ويا آهن، ھوڏانھن جاچ ٽيم پاران گذريل رات دير سان بدين مان گرفتار ڪيل ڊاڪٽر آڪاش جي هنج ورتل پٽ وشال لطيف ۽ ڊرائيور اياز سيال کي حيدرآباد آندو ويو، پوليس ذريعن موجب ٻنهي ڄڻن کي حيدرآباد سي آءِ اي سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کائن پڇا ڳاڇا ڪري مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وئي، پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ وشال لطيف جي ٻن دوستن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن سان وشال لطيف واقعي واري رات کان ٻئي ڏينھن تائين رابطي ۾ ھو، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ذريعن اھا به دعويٰ ڪئي آهي ته وشال لطيف آڪاش انصاري جي قتل واري ڏوھه جو اعتراف به ڪيو آھي، پر ڪنھن به پوليس عملدار اهڙي دعويٰ جي تصديق نه ڪئي آهي، ذريعن موجب گرفتار ڊرائيور به اعتراف ڪري رهيو آهي، جن جي نوعيت معلوم نه ٿي سگهي آهي، اعتراف واريون خبرون سوشل ميڊيا تي به گردش ڪري رهيون آهن، ٻئي طرف ايس ايس پي فرخ لنجار جو چوڻ آهي ته معاملي جي گھڻ رخي جاچ جاري آھي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي لکت ۾ رپورٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، وارث به ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهن ٿا پر اڃا تائين وارثن ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس سان رابطو نه ڪيو آهي.

آڪاش، پٽ خلاف چوري ۽ چوري بعد نقصان جو ڪيس داخل ڪرايو هو

حيدرآباد: ناليواري اديب ۽ مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري پاران گذريل سال پنهنجي هنج ورتل پٽ خلاف داخل ڪرايل ايف آئي آر به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڪرائم نمبر 114/2024 تحت قلم نمبر 380 ۽ 382 جو شامل ڪيا ويا هئا، ٻئي قلم چوري ۽ چوري کانپوءِ نقصان پهچائڻ جهڙي ڏوهه لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، ڊاڪٽر آڪاش انصاري هن ايف آءِ آر ۾ پنهنجي نپايل پٽ جو نالو نامزد ڪيو، ان ايف آءِ آر ۾ آڪاش انصاري جو موقف هو ته آئون پنهنجي گهرواري سان گڏ گهر ۾ هيس، ڀرسان ڪمري مان آواز ٻڌڻ تي زال سان گڏ ڪمري ۾ ڏٺو ته لطيف منهنجي الماري مان پئسن وارو ٿيلهي کڻي رهيو هو ۽ هٿ ۾ پسٽل هئس، پسٽل جي ڪري اسان چپ رهياسين ۽ هو پئسن جو ٿيلهو کڻي هليو ويو، ايف آءِ آر ۾ اھو به چيو ويو ته گهر ٻاهران 2 موٽرسائيڪلن هيون، 3 اڻڄاتل ماڻهو هئا جن سان گڏ لطيف فرار ٿي ويو، الماري ۾ رکيل 38 لک 85 هزار جي رقم موجود نه هئي، لطيف پنهنجي ساٿين سميت چوري ڪئي، انصاف فراهم ڪيو وڃي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايس پي هيڊ ڪوارٽر به هڪ سوال جي جواب ۾ اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي، ايس پي هيڊڪوارٽر جو چوڻ هو ته ايف آءِ آر کانپوءِ ڊاڪٽر آڪاش ۽ سندس پٽ وچ ۾ راضي نامو ٿي ويو هو،

آڪاش جي شهادت هڪ ناقابل قبول الميو آهي: سانا

آمريڪا (پ ر) آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ۽ ڏُک جو  اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ سانا اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شهادت سنڌي قوم، خاص طور تي اُتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين کي لوڏي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف هڪ واضح ۽ بهادر آواز هو، هن سال 5 جنوري تي حيدرآباد ۾ سانا جي مذهبي انتهاپسندي بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، سندس شهادت هڪ ناقابل قبول الميو آهي، جيڪو نه رڳو آزاديءِ اظهار تي وار آهي، پر پوري سنڌي سماج لاءِ به هڪ وڏو نقصان آهي، سانا پُرزو مطالبو ڪري ٿي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جي مڪمل، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سڄي سنڌ آڪاش جي وارث آهي، جاچ جلد مڪمل ٿئي: سردار شاھه

بدين: ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جنازي نماز بعد صوبائي وزير سيد سردار شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش  انصاري واري واقعي جيءُ جھوري ڇڏيو آهي، پوسٽ مارٽم  رپورٽ ۽ آڪاش جي ساٿي ڊاڪٽر موجب سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، جن مان لڳي ٿو ته آڪاش انصاري جو قتل ڪيو ويو آهي، مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو آهي، سندس خاندان هاڻ فيصلو ڪندو جلد جاچ مڪمل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڄي سنڌ وارث آهي، نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو اسان هن واقعي کي قدرتي موت نٿا سمجهون، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۽ پوليس جي ابتدائي جاچ کان پوءِ ان جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي، جنھن رات اھو واقعو پيش آيو، ان رات کان ٻه ڏينھن اڳ سندس گھر واري حيدرآباد کان بدين اچي ويئي ھئي، سندس موجب آڪاش سان آئون مسلسل رابطي ۾ ھيس پر ان رات مون کيس ٻه ميسيج ڪيا پر انھن کي چيڪ به نه ڪيو اٿس، پٽ وشال لطيف اتي ئي حيدرآباد واري گھر ۾ آڪاش وٽ رھيل ھو، جڏھن ته وشال لطيف سان “عوامي آواز” پاران ڪيل ڳالهه دوران ھن جي چھري تي ڌڪ جو نشان واضح نظر اچي رھيو ھو، سندس چھري تي خوف ڇانيل ھو،

”منهنجي قتل ۾ شامل ڪو ڌاريو ناهي“آڪاش انصاري جي وڊيو وائرل

حيدرآباد: سنڌ جي مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيل آهي، جنهن ۾  هو پنهنجي هي شاعري "منهنجي قتل ۾ شامل ڪو ڌاريو ناهي، مونکي منهنجي محافظن ئي ماريو آهي، سدا هيڻن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو رهجي، اهو ئي سبق مونکي سنڌ سيکاريو آهي” ٻڌائي رهيو آهي،

قتل بعد آڪاش جو لاش ساڙيو ويو:ايس ايس پي حيدرآباد

حيدرآباد: ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار به قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ پهتو. ايس  ايس پي ان ڪمري جو به جائزو ورتو جنهن ڪمري مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو تشدد ٿيل سڙيل لاش هٿ آيو هو. ان موقعي تي ايس ايس پي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لڳي رهيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل ٿيو آهي. اسان کي پوسٽ مارٽم ۽ فارنزڪ جي رپورٽ اچڻ جو انتظار آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته حراست ۾ ورتل جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. هن حراست ۾ ورتلن جي اعترافي بيان جي تصديق نه ڪندي چيو ته هن وقت تائين حراست ۾ ورتلن ڪو اعتراف ناهي ڪيو، پر انهن جي بيانن ۾ تضاد ضرور آهي. ان ڪري وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گهر مان جيڪي به شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن انهن کي فرانزڪ تجزئي جي لاءِ موڪليو ويو آهي، هن ابتدائي پوسٽ مارٽم جي جسماني جائزي جي حوالي سان سامهون آيل خبرن بابت چيو ته زباني ڳالهين بجاءِ جيڪو ڪجهه لکت ۾ هوندو ان تي ئي ڀاڙي سگهجي ٿو. ان ڪري پوسٽ مارٽم جي لکت واري رپورٽ جي انتظار ۾ آهيون.

ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي رهائشگاهه تي تڏو،قادر مگسي،سسئي پليجو،جامي چانڊيو ۽ ٻيا پهتا

بدين: ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي بنگلي جو رستو سوڙهو هجڻ ڪري آڪاش جو تڏو بدين ۾ ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي رهائشگاهه تي وڇايو ويو آھي، جتي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي تعزيت جو سلسلو جاري آهي، تڏي تي سنڌ جي مختلف  شهرن جي سڄاڻ ڌرين حڪيم زنگيجو، پروفيسر ابراهيم ڪنڀر، سيڪريٽري انفارميشن نديم ميمڻ، ايم پي اي تاج محمد، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سجاد چانڊيو، مهيش ملاڻي، لالا رحمان سمون، خالد کوکر، رٽائرڊ جج غلام رسول سمون، اڳوڻو ڪنٽرول يوسف پرديسي، نقاش علواڻي، جامي چانڊيو، ذوالفقار هاليپوٽو، پروفيسر عبدالله ملاح، لطيف راهو، حافظ نظاماڻي، ڊاڪٽر بيکا رام، عبدالرزاق مهيري، ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.