جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه جيڪب آباد ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي جو سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف چٽو موقف آهي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئنال ٺاهڻ واري معاملي تي آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي وڇوڙي سبب ادبي ۽ علمي حلقن ۾ خال پيدا ٿيو آهي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري واقعي جو سنڌ سرڪار نوٽيس ورتو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي هڪ ٻن ڏينهن اندر سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو. هن چيو ته سنڌ مان ميلا ۽ اوطاقون ختم ٿي رهيا آهن گهوڙا سواري جي ڊوڙ ڏسي تمام سٺو لڳو. صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه گھوڙن جي ريس ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن مير نثار خان کوسو، مير دائود خان ۽ حامد خان کي شيلڊون ڏنيون. ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي مير اورنگزيب پنهور، پيپلزپارٽي ضلعي صدر مير لياقت خان لاشاري، ٻيا پڻ موجود هئا.