برساتون نه پوڻ سبب ملڪ سوڪهڙي جو شڪار، پاڻي بحران ۾ شدت جو انديشو

اسلام آباد (م ڊ) هلندڙ سال برساتون گهٽ پوڻ سبب ملڪ سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو، ڊيمن ۽ جر ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي وئي جنهن سبب پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو. راولپنڊي ۾ جر 700 فٽ هيٺ هليو ويو، واسا ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. برساتون گهٽجڻ سبب سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ٿيڻ جو خدشو آهي، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري جي پهرين هفتن ۾ برساتون گهٽ پيون آهن. ايم ڊي واسا موجب فيبروري ۽  مارچ ۾ برساتون نه پيون ته پاڻي جو مسئلو ڳنڀير ٿي ويندو. موسميات کاتو اڳ ئي گهٽ برساتن جي اڳڪٿي ڪري چڪو آهي.  هوڏانهن ٿرپارڪر جي شهرن مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي هڪ لک آبادي کي ٻن مهينن کان مٺي پاڻي جي فراهمي معطل آهي جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ شهري بورنگ جو ڪوڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. چيف ميونسپل آفيسر موجب نئون ڪوٽ رڻ شاخ مان پاڻي جي فراهمي بند آهي، اسٽوريج ٽينڪ خالي هجڻ سبب پاڻي فراهمي معطل آهي. موسميات کاتي موجب هلندڙ هفتي ملڪ ۾ اڪثر علائقن ۾ برسات جو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.