منظور وساڻ جو عمران خان کي اهم مشورو

ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته مان اڳ ئي چئي ڇڏيو هو هلندڙ سال پي ٽي آءِ ۾ اختلاف وڌي ويندا.
ڪوٽڏيجي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ هڪٻئي کي چماٽون هڻي رهيا آهن، اختلاف اڃا وڌندا، باني جي آزادي جا امڪان نه هوندا ته اهي پاڻ ۾ وڙهندا.
هن چيو ته ڀٽو صاحب جي شهادت کانپوءِ اسان جي پارٽي کي به ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پ پ ڪمزور نه ٿي، پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اوچتو آيا ۽ هليا ويا، پي ٽي آءِ باني کان وڏيون غلطيون ٿيون، وڌيڪ غلطيون نه ڪري ته بهتر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.