ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان هيوي ٽريفڪ سبب حادثن جي روڪٿام نه ڪئي وئي ۽ عوام کي رليف نه ڏنو ويو ته حالتون 1985 کان وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته سنڌ حڪومت جي ظلم ۽ ناانصافي جو سلسلو جاري آهي، سنڌ حڪومت اقتدار جي آڙ ۾ بدعنواني، مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به آئين ۽ قانون جي حڪمراني نظر نه پئي اچي، وڏي وزير ۽ ڪنهن به پ پ اڳواڻ ڊمپر مافيا خلاف بيان ناهي ڏنو، سنڌ حڪومت ڊمپر مافيا کي کليل ڇوٽ ڏني آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجرن ۽ پختونن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته آفاق احمد جيڪڏهن بيان نه به ڏئي ها ته پوءِ به عوام کي ڪاوڙ هئي، آفاق احمد کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like