ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حياتي کي خطرو هجڻ سبب پوليس ٿريٽ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.
پوليس طرفان جاري ڪيل خط ۾ مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن موجب خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرد کيس مذهبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ سبب نشانو بڻائي سگهن ٿا.
ذريعن موجب ڊي آءِ خان پوليس مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پرچر محدود رکن ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائين.
پوليس مولانا فضل الرحمان کي احتياط ڪرڻ ۽ ڪنهن به غير معمولي صورتحال ۾ فوري طور لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like