مينهن نه پوڻ سبب ملڪ ۾ ڏڪار، پاڻي جو بحران وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سيزن ۾ مينهن گهٽ پوڻ سبب ملڪ کي سخت خشڪ ساليءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊيم ۽ زميني پاڻيءَ جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ پاڻيءَ جي ايمرجنسي
راولپنڊي ۾ زميني پاڻي جي سطح ست سئو فوٽ هيٺ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ واسا شهر ۾ پاڻي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.

ڪڻڪ جي پيداوار تي به اثر جو خدشو
دسمبر، جنوري ۽ فيبروري جي پهرين ٻن هفتن ۾ مينهن نه پوڻ سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. واسا جي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فيبروري ۽ مارچ ۾ به مينهن نه پيا ته پاڻيءَ جي کوٽ وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

آبادگارن جا به حال خراب
فيصل آباد ۽ آسپاس جي علائقن ۾ آبادگار سخت پريشان آهن، ڇو ته نهرن ۾ پاڻي ناهي. ڪجهه آبادگار ته زراعت لاءِ سيوريج جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ٿرپارڪر ۾ ٻن مهينن کان مٺي پاڻي جي کوٽ
ٿرپارڪر جي شهرن مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ به پاڻي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، جتي ٻن مهينن کان مٺو پاڻي بند آهي. شهرين کي بورنگ جو لوڻاٺو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي رهيو آهي. ميونسپل عملدارن موجب نو ڪوٽ جي رڻ شاخ مان پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿيڻ سبب صورتحال خراب ٿي آهي.

برساتن جي ڪا اميد؟
موسميات کاتي موجب 18 ۽ 19 فيبروري تي پوٺوهار، سوات، ڪالام، بنون، ڪوئٽا ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات ٿيڻ جو امڪان آهي. ان سان گڏ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڪنهن به وڏي برسات جي اميد ناهي.

شهرين ۽ آبادگارن لاءِ پاڻيءَ جي اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪڏهن جلد برساتون نه ٿيون ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.