پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي حڪومت ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽرول شين جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول جا نوان اگهه 256 رپيا 13 پيسا في ليٽر مقرر ڪيا ويا آهن.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ چار روپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، هائي اسپيڊ ڊيزل جا نوان اگهه 263 رپيا 95 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي.

لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهن ۾ 5 رپيا 25 پيسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو، لائيٽ ڊيزل آئل جا نوان اگهه 155 رپيا 81 پيسا في ليٽر مقرر ڪيا ويا.

گاسليٽ ۾ اگهن ۾ 3 رپيا 20 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جا نوان اگهه 171 رپيا 65 پيسا في ليٽر مقرر ڪيا ويا.

ناڻي واري وفاقي وزير پيٽرول شين جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.