ٽرائي سيريز جي فائنل دوران وائرل ٿيل ڇوڪري ڪير آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽرائي سيريز جي فائنل ميچ دوران عارفه جنيد انجم نالي ڇوڪري گهڙي گهڙي اسڪرين تي اچڻ جي ڪري مشهور ٿي وئي.
ميچ دوران ڪيترائي ڀيرا ڪئميرا عارفه جنيد انجم تي وئي، جنهن بعد هوءَ پاڪستانين جي ڌيان جو مزڪر بڻجي وئي.
ميچ دوران ۽ ان بعد ڪيترن ئي ماڻهن کي عارفه جي معصوميت ۽ خوبصورتي وڻي وئي.
عارفه جنيد انجم ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ فيشن ماڊل آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻو متحرڪ رهندي آهي.
پاڪستانين سوشل ميڊيا تي سندس وائرل ٿيل تصويرن تي مليل جليل رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.
انٽرنيٽ تي ڪجهه واهپيدارن عارفه جي شخصيت کي ساراهيو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن وري ناراضگي جو اظهار ڪيو.
واهپيدارن جو چوڻ هو ته پاڪستاني قوم هميشه وائرل شخصيتن کي گهڻي اهميت ڏيندي آهي، جڏهن ته راندين جي حقيقي هيروز کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.
ڪجهه واهپيدارن پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته عورت ڪئميرامين جي ڪري مشهور ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.