ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس کي ٻيو خط لکي ڇڏيو.
گورنر جي ترجمان موجب ڪامران ٽيسوري خط ۾ لکيو آهي ته شهر ۾ انتظامي غفلت ۽ قانون جي ڀڃڪڙي حادثن جو وڏو سبب آهي.
ڪامران ٽيسوري خط ۾ اهو به لکيو ته تازو هڪ ئي ڏينهن ۾ چار شهرين جي فوتگي سنگين مسئلو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آهي ته صبح ست وڳي کان رات يارهين وڳي تائين وڏي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي، عدالتي فيصلي باوجود ان تي عملدرآمد جون شڪايتون مسلسل وڌي رهيون آهن.
گورنر سنڌ وقتي چيف جسٽس کي لکيو ته اميد آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي.
واضح رهي ته هلندڙ سال پهرين جنوري 2025 کان هاڻي تائين ڪراچي شهر ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 108 شهري حياتيون وڃائي چڪا آهن.
You might also like