ڀارت ۽ آمريڪا جا سفارتي تعلقات ۽ علائقائي پيدا ٿيندڙ عدم توازن

تحرير: مجاھد بوزدار

ڀارت ۽ آمريڪا جي هٿيارن جي هڪ ڊيل بعد جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ پاڪستان جي ذڪر کي پاڪستان جي اختيارين هڪ طرفو گمراھ ڪندڙ ۽ سفارتي اصولن جي خلاف قرارڏنو آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي تخريبڪاري ۽  عدالتي قتل جي وارداتن ۾ ڀارتي سرپرستي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڀارت کي جديد هٿيارفراهم ڪرڻ بابت آمريڪي اعلان پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي جيڪو خطي ۾ طاقت جي توازن کي بگاڙي سگهي ٿو. ڀارت جي پاليسين تي پاڪستان جو موقف پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ بيان ڪندي چيو ته ته دهشتگردي خلاف آمريڪا سان سهڪار باوجود گڏيل بيان ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪرڻ سفارتي لحاظ کان غير مناسب آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن خلاف نفرت ڀريل ڏوهن لاءِ محفوظ جڳھه بڻجي چڪو آهي. گڏيل بيان ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڀارت پاران گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ڪرڻ کي نظرانداز ڪيو ويو جيڪو علائقي جي استحڪام لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.

والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن جن کي عالمي برادري نظرانداز ڪري رهي آهي ڀارت نه صرف پنهنجي اندروني پاليسين ذريعي اقليتن خلاف ظلمن کي هٿي ڏئي رهيو آهي پر خطي ۾ دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪندي امن کي به نقصان پهچائي رهيو آهي ڀارتي حڪومت جون انتهاپسند پاليسيون، اقليتن لاءِ زندگيءَ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهيون آهن جتي مسلمان، سک، عيسائي،  ظلمن جو شڪار ٿي رهيا آهن. پاڪستان عالمي برادري کي خبردار ڪري رهيو آهي ته ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ جنگي تياريون خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون، ڀارت جديد هٿيارن ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي جي مدد سان پنهنجي فوجي طاقت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي جيڪو طاقت جي عدم توازن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڀارتي فوج پاران لائن آف ڪنٽرول تي لڳاتار ڀڃڪڙيون ۽ جنگي مشقون خطي جي استحڪام لاءِ وڏو چئلينج بڻجي رهيون آهن.

آمريڪا،ڀارت کي هڪ اهم اسٽريٽجڪ پارٽنر طور ڏسي رهيو آهي خاص طور تي چين جي وڌندڙ اثر کي گهٽائڻ لاءِ. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون واپاري لاڳاپن ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سبب،آمريڪا ڀارت کي عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو دفاعي معاهدن تحت آمريڪا،ڀارت کي جديد هٿيار ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ ٻئي اهم دفاعي سازو سامان سان ليس ڪري رهيو آهي جيڪو خطي ۾ فوجي طاقت جي توازن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. افغانستان مان آمريڪي واپسي کانپوءِ آمريڪا جو پاڪستان تي دارو مدار گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڀارت سان سندس لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي ويا آهن پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين جي باوجود آمريڪا جو رويو گهڻو ڪري پاڪستان جي خلاف رهيو آهي ڀارت کي جديد هٿيارن جي فراهمي چين ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي جنهن سبب چين پنهنجي دفاعي حڪمت عملي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان کي خطي ۾ طاقت جي عدم توازن طرف متوجه ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. چين امڪاني طور تي پاڪستان سان دفاعي سهڪار وڌائي سگهجي ٿو ته جيئن خطي ۾ فوجي استحڪام برقرار رهي پرڏيهي وزارت جي ترجمان امن جي واڌاري ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار تي زور ڏنو. ترجمان ڀارت کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي منتقلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان سان علائقائي استحڪام کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. هن سعودي عرب ۾ فلسطيني عوام لاءِ رياست جي قيام بابت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي بيان جي مذمت ڪندي ان کي غير ذميوار ۽ نفرت ڦهلائيندڙ قرار ڏنو. ترجمان ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽراسحاق ڊار 18 فيبروري 2025 تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي خطي جي سلامتي، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ويندو. پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي پرڀارت کي هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ ان جي انتهاپسند پاليسين کي نظرانداز ڪرڻ علائقائي جي غير مستحڪم ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان عالمي برادري تي زورڏئي رهيو آهي ته هو ڀارت جي جنگي تيارين انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ دهشتگردي جي سرپرستي کي نظرانداز نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.