مڪينيزم کان محروم اختياريون ۽ پيراميڊيڪل جو ٽنگيل سروس اسٽرڪچر

تحرير:غلام حسين قادري ‎

صحت کاتي اندر پيراميڊيڪل اسٽاف جو اھم ڪردار آهي ان ڪري پيراميڊيڪل اسٽاف کي ڪرنگھي جي ھڏي طور سڏيو وڃي ٿو جيڪي پنهنجو زندگي جوکي ۾ وجهي رات ڏينھن سردي گرمي ۾ اسپتالن ۾ ايندڙ توڙي ھر ٽراما ايمرجنسي کي منهن ڏين ٿا جڏهن ته ھر قسم جي خطرناڪ وبائي بيمارين سان مھاڏو اٽڪائن ٿا برساتي ٻوڏ ھجي يا دريائي ٻوڏ هجي انهن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو وڃي علاج علڌلاج ڪن ٿا. ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي لاءِ انهن خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا ھڻن ٿا، پيراميڊيڪل استاف جا ڪيترائي ملازم اهڙين وچڙندڙ بيمارين جي لپيٽ ۾ اچي پنهنجين زندگين جو نذرانو پڻ ڏيئي چڪا آهن.پيرا ميڊيڪل جو اسٽاف ڪهڙي به حالت هجي ان ۾ پنهنجيون ذميواريون ادا ڪندو رهي ٿو مجموئي طور امن امان جي صورتحال بھتر نه ھجڻ ڪري ڪيترن چيلينجن کي منهن ڏيندي جاني نقصان به برداشت ڪندو رهي ٿو ان کان سواءِ  پيراميڊيڪال اسٽاف جي ڪيترين ئي عورت ملازمن سان غيراخلاقي واقعا پيش ايندا رھن ٿا جيڪي رپورٽ به ٿيندا رھن ٿا.

پيراميڊيڪل اسٽاف جنهن مسلسل 2004ع کان وٺي پنهنجن جائز مطالبن ۽ بنيادي حقن لاءِ ڪشمور کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو. ضلع ۽ ڊويزن وائيز احتجاج ڪرڻ سان گڏ صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرس نرسنگ اسٽاف ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي مختلف تنظيمن جا مختلف وقتن تي اتحاد جوڙي ھزارين پيراميڊيڪل  ملازم سنڌ جي ٻين شھرن سميت راڄڌاني واري شھر ڪراچي جي روڊن رستن تي احتجاج ڪندا رهيا، سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو، سيڪريٽري صحت، چيف سيڪريٽري ۽ وزير اعليٰ سنڌ ھائوس اڳيان وقتن فوقتن ڌرڻا ھڻي مسلسل مطالبن جي مڃتا لاءِ دانھن ڪوڪ ڪندا رھن ٿا پر صحت کاتو ۽ حڪومت سنڌ پنهنجي ھوڏ تان نٿي لھي جڏهن ته اھي ساڳيون مرائتون سروس اسٽرڪچر ٽائيم اسڪيل ھيلٿ پروفيشنل الائونس ٻين صوبن جي پيراميڊيڪل اسٽاف توڻي ٻين کاتن جي ملازمن کي لينٿ آف سروس جي مطابق ڏنيون وڃن ٿيون پر سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف سان ھميشھ جيان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ سنڌ جي اندر به ٻٽو معيار برقرار رکندي ٻين کاتن جي ملازمن ۽ ٻين ڪيڊرس جي ملازمن سميت ۽ صحت کاتي ۾ جناح اسپتال ۽ NICH جي ملازمن کي به پروموشن، اسپيشل الائونسز 50 کان 100سيڪڙو ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو ٿو وڃي پر اڃان تائين پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ ڪو مڪينيزم, طريقه ڪار نه جوڙيو ويو آهي؟!

پيرا ميڊيڪل جي اسٽاف کي پنهنجي جدوجهد کان روڪڻ ڇڙوڇڙ ڪرڻ خاموش ڪرائڻ لاءِ  وزير اعليٰ سنڌ، وزير صحت، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري  صحت ۽ ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ سروسز سنڌ طرفان جڙندڙ کوکليون منافقت تي مبني ڪوڙيون ڪاميٽيون ڪاميٽيون ئي رھجي ويون جيڪي ڪو لاڀ نه ڏئي سگهيون

بار بار مسئلا پيش ڪرڻ بعد ڪو به کڙ تيل نه نڪرڻ ڪري آخر ھڪ دفعو ٻيھر صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تنظيمن ھڪ نئون اتحاد پيراميڊيڪل الائنس سنڌ (PAS) جي نالي سان جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ شامل پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن  KAR-041, سنڌ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن، سنڌ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن، ينگ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن، پروفيشنل پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن، پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن RP-2076 ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن مسئلن جي حل لاءِ تازو سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت سنڌ ۽ صحت کاتي کي ھڪ ھفتي جو چتاءُ ڏيندي ڊويزن وائيز احتجاجي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو جنهن جو آغاز 17 فيبروري 2025ع نوابشاھ ذويزن کان ڪيو ويندو 18 فيبروري سکر ڊويزن، 19 فيبروري لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ڊسٽرڪٽ  ھيڊڪوارٽر اسپتالن کان پريس ڪلب تائين ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن جي اڳواڻي الائينس جا مرڪزي اڳواڻ خود ڪندا ۽ 19 فيبروري لاڙڪاڻو ڊويزن واري احتجاج ۾ آئنده جو لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو

ان لاءِ ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته ڇا اختيارين وٽ اھڙو ڪو مڪينيزم طريقه ڪار موجود ناهي جو عزت نفس مجروح  ڪرڻ بنا آسان طريقي سان ملازمن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن يا ھڪڙو ئي حل آهي ته حق گھرندڙن جدوجهد ڪندڙن سان انتقامي ۽ پرتشدد ڪاروايون ڪري مٿن نالين جو ڪنو پاڻي وسائڻ گرفتاريون ڪري ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڇا حڪومت کي پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان اهڙو سلوڪ زيب ڏيندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.