” کُٽي سگهيو نه سفر، زندگي کٽي پئي …! “ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي حياتي تي هڪ نظر

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اصل نالي الله بخش انصاري، 25 ڊسمبر 1956 ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ اک کولي.
هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ڪاليج جي دور کان ئي هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
ضياءَ الحق جي مارشل لا دوران قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل به وڃڻو پيو، بعد ۾ 1995ع ۾ هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني ”سوال“ اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا.
2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي.
هن بدين جي سامونڊي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ”بدين رورل ڊيولپمينٽ“ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو.
سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ ۽ ‘اڌورا اڌورا’ شايع ٿي چڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزي ترجمو ‘An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow’ جي عنوان سان 2021ع ۾ ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري اڄ 15 فيبروري 2025 تي وڇڙي ويو، سندس لاڏاڻي تي سڄي سنڌ سوڳوار آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.