فاسٽ بالر نسيم شاهه سان مشابھت رکندڙ هڪ شخص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن سبب مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
انسٽاگرام تي وائرل وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص يوٽيوب شو ”انڊيا گاٽ ٽيلنٽ“ بابت پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي، پر ماڻهن لاءِ سندس بيان بدران نسيم شاهه سان ملندڙ جلندڙ صورت حيرت جو سبب بڻي.
وڊيو ۾ ان همراهه چيو ته انڊيا گاٽ ٽيلنٽ جهڙن موضوعن تي غير ضروري ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته مهانگائي، گدلاڻ ۽ بيروزگاري جهڙا اصل مسئلا نظرانداز ڪيا پيا وڃن.
وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا واهيپدارن دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن، هڪ صارف لکيو ته ” هي ته نسيم شاهه جو جاڙو ڀاءُ لڳي رهيو آهي.“
جڏهن ته هڪ واهپيدار سوال پڇي ورتو ” هي اصل ۾ نسيم شاهه آهي يا ڪو ٻيو؟ “
You might also like