پي ٽي آءِ اڳواڻ اڊيالا جيل ۾ هٿين پئجي ويا، عمران خان ڇا چيو؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي شڪايت عمران خان ٻڏڻ بعد ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، شعيب شاهين فواد چوڌري جي تشدد جي شڪايت پي ٽي آءِ عمران خان سان ڪئي.
هن عدالت ۾ فواد چوڌري جي موجودگي ۾ عمران خان کي شڪايت ڪئي.
شعيب شاهين ٻڌايو ته مونکي جيل جي گيٽ نمبر 5 تي جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
ذريعن موجب، شعيب شاهين فواد چوڌري سان جهيڙي ۾ زمين تي ڪرڻ سان هٿ ۾ آيل زخم به پي ٽي آءِ باني کي ڏيکاريو.
پي ٽي آءِ باني شڪايت ٻڌڻ بعد چيو ته اوهو! هو انساني حقن جي پٽيشن جو ڇا ڪيو آهي، عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني شعيب شاهين جي شڪايت ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر پنج تي شعيب شاهين ۽ فواد چوڌري ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ فواد چوڌري شعيب شاهين کي ٿف وهائي ڪڍي، جنهن سان هو هيٺ ڪري پيو ۽ ان کي زخم به رسيا.
ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي گاريون پڻ ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.