ورلڊ بئنڪ سان اهم ڀائيواري، وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف جي ورلڊ بينڪ جي 10 سالا 40 ارب ڊالر جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي آجيان ڪئي آهي.
وزير اعظم شهباز شريف سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ايم ڊي مختار ڊيوپ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ آئي ايف سي جي جاري ۽ امڪاني قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ وزير اعظم ورلڊ بينڪ جي 10 سالا 40 ارڊ ڊالر جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي آجيان ڪئي جڏهن ته هن بنيادي ڍانچي، آءِ ٽي، زراعت ۽ صحت جي شعبن ۾ آئي ايف سي جي تعاون جي ساراهه ڪئي.
ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جي جاري ڪوششن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي آءِ ايف سي سربراهه ناڻي واري وزير اورنگزيب سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختار ڊيوپ چيو ته آءِ ايف سي پاڪستان طرفان سڌارن کي تسليم ڪري ٿي، نجي شعبي ناڻي واري وزير جي پاليسين تي اعتماد جو ظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.