نازش جهانگير جون بولڊ تصويرون وائرل ٿي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا نازش جهانگير جي پرڏيهه ۾ سير سفر دوران بولڊ لباس پائڻ ۽ بولڊ انداز اختيار ڪرڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي انڊونيشيا جي سياحتي هنڌ ”بالي“ ۾ ٺاهيل وڊيوز ۽ ڪڍرايل تصويرون شيئر ڪيون، جن کي ڏسي واهپيدارن ڪاوڙجي پيا.
اداڪارا طرفان تصويرون شيئر ڪرڻ بعد واهپيدارن ان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس مذهب ۽ مسلمان هجڻ جا به مهڻا ڏنا.
سوشل ميڊيا واهپيدارن اداڪارا جي لباس ۽ انداز کي اڻ وڻندڙ قرار ڏيندي لکيو ته ان کي پنهنجي مذهب جو خيال رکڻ گهرجي ها.
ڪجهه واهپيدارن اداڪارا جي پراڻن بيانن کي ياد ڪندي کيس مهڻا پڻ ڏنا ته اداڪارا چوندي هئي ته هو هاڻي برقعو پائيندي پر هن اهو ڇا پهريو آهي؟
ڪجهه مداحن لکيو ته شايد اداڪارا کي ڪو ڊرامو يا پراجيڪٽ نه ملي رهيو آهي، جنهن جي ڪري هن اهڙي قسم جو لباس پهريو آهي.
ڪجهه ماڻهن لکيو ته جڏهن ڪجهه اداڪارائون ٿورو مشهور ٿي وينديون آهن ته هو اهڙي قسم جا بولڊ ۽ اڌ اگهاڙا لباس پائڻ شروع ڪنديون آهن.
ڪجهه ماڻهن سوال اٿاريا ته شوبز شخصيتن جي زندگي اهڙي ڇو ٿي ويندي آهي جو انهن کي اهڙيون نامناسب وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪرڻيون پونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.