حڪومت بجلي واهپيدارن کان عالمي قرض جو وياج ڀرائڻ لڳي

اسلام آباد (فخردراني) يو اي اي پاران جون 2023 کان پوءِ پاڪستان سان قيدين جي فهرست  شيئر ناهي ڪئي وئي نه وري ڪا معلومات ڏني آهي پاڪستاني ايمبيسي پاران ڪافي ڀيرا ريمائنڊر به ڏنا ويا آهن پر ان باوجود ڪا معلومات ناهي ملي. 2023 جي ڊيٽا مطابق  يو اي اي ۾ قيد پاڪستاني جو انگ 5292 هيو.يو اي اي ۾ هن وقت عام وزيٽرز جي مٿان پابندي لاڳو ٿيل آهي. ان اسڪلڊ ليبر تي به پابندي آهي.پر ان جي ذميواري پاڪستاني مٿان به اچي ٿي خاص ڪري پنڻ واري ڳاله کي اتي خراب سمجهيو ويندوآهي.ٻيو اتي وڃي لون اپلائي ڪن ٿا ۽ ملڻ بعد فرار ٿي موٽي اچن ٿا.خزاني واري وزارت لاڳاپيل وزارت کان بجٽ جي حوالي سان سفارشات گهري ورتيون آهن وزارت خزانه پاران انهن انگن اکرن جي بنياد تي بجيٽ 2025 ۽ 26 لاءِ پگهارن ۾ واڌ جو اندازو 5 سيڪڙو لڳايو ويوآهي ۽ ٻين الائونسز ۽ انڪريمٽ جي مد ۾ خزاني تي 231 ارب روپين جو بار پوندو. هڪ نئون انڪشاف ٿيو آهي ته گردشي قرض جي مد ۾ جيڪو بار پوي ٿو اهو عام واهپيدارن کان اوڳاڙيو وڃي ٿو پاڪستان جو سرڪولر ڊيٽ 2300 ارب روپين کان وڌيڪ آهي. ان تي جيڪو وياج ڀريو وڃي ٿو اها رقم عام واهپيدارن کان وصول ڪئي وڃي ٿي.ان حوالي سان نئون انڪشاف نيپرا پاران هڪ ٻڌڻي دوران ڪيو ويو آهي. اهو عام صارفين کان 2.83 روپيا في يونٽ جي حساب سان وصول ڪيو وڃي ٿو.جيڪا حڪومت پاران عوام سان زيادتي آهي هڪ ته بل اڳ ئي ڳرا آهن  جنهن تي ڪيترن ئي قسمن جا ٽيڪس 7 سرچارجز لاڳو ڪيا ويا آهن حڪومت کي لائن لاسز گهٽ ڪرڻ گهرجن. بجلي چوري روڪي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر 15 فيبروري 2025ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.