دبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو به پاڪستاني فنڪارن جو مداح نڪتو.
ڀارتي اداڪار راجپال يادَو دبئي ۾ هڪ پاڪستاني يوٽيوب پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز انڊسٽري ۽ پاڪستان بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
ميزبان جڏهن پاڪستان مخالف فلمن بابت سوال ڪيو ته راجپال يادَو وراڻيو ته اهو هڪ حساس موضوع آهي.
هن چيو ته بالي ووڊ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 500 فلمون ٺهن ٿيو ، جن مان ڪجهه وندر ۽ ڪجهه ايڪشن تي ٻڌل هونديون آهن.
اداڪار چيو ته فلمون ٺاهڻ وارا به انسان ئي هوندا آهن، جيڪي پنهنجن جذبن جو اظهار پنهنجي ڪم ذريعي ڪندا آهن.
راجپال يادَو چيو ته انهن 500 فلمن مان رڳو 2 اهڙيون هونديون آهن، جيڪي تاريخي واقعن يا تڪراري موضوعن تي ٻڌل هونديون آهن.
سندس چوڻ هو ته هن به هڪ اهڙي فلم ۾ ڪم ڪيو هو، پر جڏهن هن پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، تڏهن فيصلو ڪيائين ته اڳتي هلي ڪنهن اهڙي فلم جو حصو نه بڻجندو، جيڪا پاڪستان يا ڀارت ٻنهي ملڪن جي عوام جي جذبن کي ڇيهو رسائي.
پاڪستاني ليجنڊ ڪاميڊين عمر شريف ۽ معين اختر بابت ڳالهائيندي راجپال يادَو چيو ته عمر شريف ۽ معين اختر پنهنجي فن جا بادشاهه هئا.
هن وڌيڪ چيو ته اسان عمر شريف جون آڊيو ڪيسٽون ٻڌندا هئاسين، هو حقيقي اسٽار هئا ۽ قدرتي طور تي غير معمولي تخليقي صلاحيتن سان نوازيل هئا.
You might also like