پاڪستاني مردن ڏاڍو روئاريو آهي: راکي ساونت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت جو چوڻ آهي ته کيس پاڪستاني مردن ڏاڍو روئاريو آهي.
پاڪستاني ميزبان مٿيرا سان ڳالهائيندي راکي ساونت دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني اداڪار ۽ پوليس آفيسر ڊوڊي خان پهريان شاديءَ جي آڇ ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو.
راکي موجب، ڊوڊي خان پهريان کيس پنهنجي ڪنهن ڀاءُ سان شادي ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ هاڻي ٻيهر چئي رهيو آهي ته هو مُنڊي ۽ گُلَ کڻي ايندو.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته مفتي قوي پڻ شاديءَ جي آڇ ڪئي پر ڪو به پنهنجي ڳالهه تي قائم نه رهيو، جنهن سبب هو ڏُکاري ٿي وئي آهي.
راکي ساونت وڌيڪ چيو ته ڊوڊي پهريان مون سان شادي ڪرڻ چاهي پيو، پر هاڻي مونجهاري جو شڪار آهي. مان پاڪستاني هجڻ سبب مٿس يقين ڪيو هو، پر هو آڇ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.