گم ٿيل مصطفيٰ عامر کي وحشياڻي تشدد بعد زنده ساڙڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي مان هڪ مهيني کان گم ٿيل نوجوان جو سڙيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ڊفينس مان هڪ مهينو اڳ گم ٿيل نوجوان مصطفيٰ عامر جو سڙيل لاش حب چوڪي ​​وٽ هٿ آيو، مصطفيٰ  عامر جو لاش سندس سڙيل گاڏي جي ٽڪنڊي مان مليو.ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر سي پي ايل سي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهم ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته مصطفيٰ جي دوست ارمغان کي 8 فيبروري تي مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو، ارمغان جي گرفتاري وقت فائرنگ ڪري ڊي ايس پي سميت 2 اهلڪار زخمي ٿيا، ارمغان جي گهر مان فون ۽ قالين تي رت جا نشان مليا. ان ڪيس ۾ حساس ادارن به مدد ڪئي. ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته ارمغان ۽ شيراز گهرا دوست آهن، ٻئي پهرين کان ستين درجي تائين گڏ پڙهندا هئا، مصطفيٰ به سندس دوست هو،هاڻ تائين مليل تفصيلن موجب گهر ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي جوابدارن مصطفيٰ کي قتل ڪري لاش پنهنجي ڪار ۾ وجهي حب چوڪي ​​وٽ کڻي ويا، جتي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڪار ۽ لاش کي ساڙڻ ۾ ارمغان ۽ شيراز ملوث هئا، معلوم ڪيو پيو وڃي ته ساڻن ٻيا ڪير هئا، اڄ رمانڊ لاءِ درخواست ڏني ويندي.هن چيو ته ارمغان جي گرفتاري دوران قالين (ڪمري) تي رت جا داغ مليا آهن ۽ مصطفيٰ جي ماءُ جا نمونا ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن، لاش مصطفيٰ جو آهي، ان جي وڌيڪ تصديق ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ٿيندي.ڊي آءِ جي چيو ته مصطفيٰ عامر خلاف منشيات جو ڪيس داخل هو، اڃا تائين انٽرنيشنل گينگ ۽ ڊرگ ڪارٽيل جي ڪا به تصديق ناهي ٿي،ان حوالي سان غلط انفارميشن ڏني پئي وڃي.  جوابدار ارمغان منشيات فروش هو يا نه اهو جاچ ۾ معلوم ٿيندو.

مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ جج اڻ وڻندڙ رمارڪس ڇو ڏنا؟: مرادشاهه

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مصطفيٰ عامر ڪيس جي جوابدار کي رمانڊ ڇو نه ڏنو ويو، جج پوليس تي نامناسب ريمارڪس ڇو ڏنا آهن، پوليس کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، اميد آهي ته جج جي ريمارڪس تي به سزا ٿيندي.

مصطفيٰ 6 جنوري تي گم ٿيو،7 جنوري تي ڪيس داخل ڪيو ويو:مقدس حيدر

ڪراچي ( رپورٽر) ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر سي پي ايل سي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهم ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، 23 ورهين جي مصطفيٰ عامر کي 6 جنوري تي اغوا ڪيو ويو هو، بعد ۾ مصطفيٰ جي والده کي ڀنگ لاءِ فون آيو، جنهن بعد ئي ڪيس سي آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، سي پي ايل سي ڪيس ۾ تمام گهڻو سهڪار ڪيو آهي.هن چيو ته مصطفيٰ جي دوست ارمغان کي 8 فيبروري تي مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو، ارمغان جي گرفتاري وقت فائرنگ ڪري ڊي ايس پي سميت 2 اهلڪار زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.